سنڌڙي تعلقي جي هيڱورنو ٽائون ڪميٽي ۾ خراب گاڏين جي پيٽرول لاءِ لکين روپيا جاري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. خراب پيل گاڏين جي پيٽرول جي مد ۾ 2 لک 12 هزار روپين جا بل ڪڍيا ويا آهن. مليل ڄاڻ موجب ٽائون ڪميٽي جون سموريون گاڏيون ٽريڪٽر ۽ فائر برگيڊ گاڏيون خراب ۽ سرن تي بيٺل آهن. ان باوجود مرمت لا 2 لک 99 هزار جو صابر نالي شخص جو بل ڪڍيو ويو آهي. اهڙي طرح هڪ پيٽرول پمپ جي مالڪ جي نالي تي پيٽرول جي مد ۾ 2 لک 12 هزار جو بل ادا ڪيو ويو. جڏهن ته ريڙها ۽ ٻھارا خريد ڪرڻ جو 32 هزار جو بل ڪڍيو ويو. جڏهن ته ٽائون جي 100 ملازمن جي پگهار مان ماهوار 5 هزار ڪٽوتي پڻ ڪئي وڃي ٿي، جيڪو في مهينو 5 لک روپيا ٿئي ٿو. ان ڏس ۾ ٽائون آفيسر زبير پهوڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مونکي ڪا خبر ناھي، مون کان ڪلارڪ ٺھيل بل تي صحيحون ڪرائي ويا آھن، جيڪڏهن ڪنهن ملازم جي پگهار مان ڪٽوتي ڪئي وئي آھي ته ان خلاف قدم کنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close