پاڪستانسنڌ

وڏي وزير طرفان برساتي پاڻي جي نيڪالي يقيني بڻائڻ جي هدايت

ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انتظاميا، پوليس ۽ مڪاني ادارن کي برساتن دوران عوام جو خيال رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.مراد علي شاهه مڪاني ادارن ۽ واٽر بورڊ کي برسات جي بند ٿيندي ئي پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو آهي ته گذريل اسپيل جيان هيٺائين وارن علائقن ۾ پمپ لڳائي پاڻي جي نيڪال ڪيو وڃي. وڏي وزير وزير وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ پوليس ٽريفڪ جي رواني لاءِ ضروري قدم کڻي، جڏهن ته ڪچن گهرن ۾ رهندڙن جو خاص خيال رکيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button