غير درجه بندي

لاڙڪاڻي ۾ عورت جو ايس ايس پي آفيس اڳيان ساهرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي الھ آباد پاڙي جي رهواسڻ ٻن ٻارڙن جي ماءُ نائلا چانڊيو ايس ايس پي آفيس جي گيٽ اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ميروخان واسي ممتاز چانڊيو پاران وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج مٿان لڳايل الزام بي بنياد آهن، جڏهن ته ممتاز چانڊيو واري ڌر ڊي آءِ جي آفيس اندر مون مٿان پئسا چوري ڪرڻ الزام لڳائيندي مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون، جنهن بعد هنن منهنجي والدين ۽ ڀائرن خلاف احتجاج ڪيا، جنهن لاءِ اڄ مان شڪايت کڻي ايس ايس پي آفيس پهتي آهيان. هن چيو ته منهنجي مڙس حنيف راجا چانڊيو 5 مهينا اڳ ٻي شادي ڪئي، جيڪو هن وقت سعودي ۾ رهندو آهي، مڙس جي ٻي شادي بعد مون کي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته مون کي هڪ پٽ ۽ نياڻي جي اولاد آهي، جيڪي ٻار ساهرا کسڻ چاهين ٿا. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button