پاڪستان

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن،2 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، ان دوران فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ پڻ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن، مارجي ويل دهشتگردن ۾ حافظ گل بهادر جو ڪمانڊر خبيب بلال پڻ شامل هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button