سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ طلاقيل عورت جو ڀيڻويي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ رشيد گجراڻي واسڻ طلاقيل عورت پنھنجي اڳوڻي ساهرن مٿان پيرس ما سميت قيد رکي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو. گھاڙ واھه جي ڳوٺ رشيد گجراڻي واسڻ طلاقيل عورت سلطانه پنهنجي پيرسن ما ڪنيز بانو ڪلهوڙو سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته ڪجهه عرصو اڳ منهنجي ڀيڻ رفيعه جي شادي غلام اصغر کچي سان ٿي هئي جيڪا چار سال بيمار رهڻ بعد فوت ٿي وئي، جنهن مان کيس پٽ ۽ 2 ڌيئرون اولاد آهن، ڀيڻ جي فوتگي بعد ڀيڻويي اصغر کچي منهنجي ما ۽ مونکي ٻارن جي سنڀال لاءِ پاڻ وٽ گهر ۾ رهايو. هن الزام لڳايو ته ڪجهه ڏينهن بعد اسان گهر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن اسان کي گهر قيد ۾ ڪري قتل جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن ڪري هفتو اڳ اسان وجهه وٺي ڳوٺ پهچي ماروٽ لياقت ڪلهوڙو وٽ پناهه ورتي، جتي به ڀيڻويو اصغر کچي اسان کي ماروٽ سميت ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڀيڻويي خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button