سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قمبر واسين جو گهرن تي قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ نظر پاڙي جي رهواسين بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرن کان معذور پيرسن عورت اميرزادي نياڻي ياسمين خاتون، ڀائٽي عبدالقادر ميربحر ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي چيو ته اسان اصل قمبر جي ڳوٺ مياڻي جا رهواسي آهيون، 25 سال اڳ ٻارن جي ڳالھه تان پنهنجي مائٽن سان ٿيل جهيڙي کانپوءِ لڏپلاڻ ڪري لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي ۾ مسواڙ تي جڳهون وٺي رهائش اختيار ڪئي، جنهن جهيڙي جو نبيرو 4 مهينا اڳ ٿيڻ کانپوءِ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويا آهيون، جهيڙي واري عرصي دوران بااثر ماڻهن شبير بليدي، ملوڪ ٽوٽاڻي، انور ميربحر ۽ ٻين ڳوٺ ۾ اسان جي 5 گهرن تي قبضو ڪري ڇڏيو، جيڪو قبضو اڃان قائم آهي، اهڙي دانهن پوليس کي ڏني آهي، پر پوليس بااثرن خلاف ڪارروائي لاءِ تيار نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button