سنڌ

ڳڙهي ياسين ۾ گهربل جوابدار مبينا مقابلي ۾ گرفتار

ڳڙهي ياسين ۾ دوداپور پوليس قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي اڌ ڪلاڪ جي مقابلي بعد گرفتار ڪري ورتو. دوداپور جي ڳوٺ قائم الدين منڌراڻي ۾ منڌراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تان قتل ٿيل قادن منڌراڻي، غلام مصطفيٰ منڌراڻي ۽ حق نواز منڌراڻي جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار نذير منڌراڻي ڳڙھي ياسين ۾ ھجڻ واري ڳجهي اطلاع تي ايس ايڇ او دوداپور قمرالدين تنيو ھوٽل تي اوچتو ڇاپو ھنيو ته جوابدار پوليس کي ڏسندي ئي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، دوداپور پوليس سندس پيڇو ڪيو ته جوابدار پوليس کي سارين جي فصل ۽ مڇي جي کڏن ۾ ڊوڙائيندو رھيو، جنھن بعد ڳڙھي ياسين پوليس کي طلب ڪيو ويو، جنھن بعد ٻنھي ٿاڻن جي پوليس اڌ ڪلاڪ جي مڙسي بعد جوابدار کي گرفتار ڪري ڳڙھي ياسين ٿاڻي آندو، جتي داخلا رکرائڻ بعد کيس دوداپور ٿاڻي تي لاڪپ حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button