سنڌ

شڪارپور ۾ فوڊ اٿارٽي جا ڇاپا، دڪان ۽ هوٽلن تي 85 هزار ڏنڊ

شڪارپور ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي ٽيم کير جي دڪانن ۽ ھوٽلن تي ڇاپا هنيا. فوڊ سيفٽي آفيسر محمد اسلم شر، رياض مري، اللہ بچايو مھر ۽ نديم بروھي ڇاپن دوران ديوان سئيٽس، ڪراچي مل ڪشاپ، نيو پارس ھوٽل، ڊيئري ھائوس، نيو پارس ھوٽل، ممتاز ڊيري، نيو شاليمار ھوٽل تي ڏنڊ لڳايو. دڪانن ۽ ھوٽلن تي 85 ھزار ڏنڊ لڳايو ويو، لائسنس فيس جي مد ۾ 56 ھزار پنج سؤ رپيا مقرر ڪيا ويا. مجموعي طور تي دڪانن، ھوٽلز ۽ کير جي دڪانن تي لائسنس ۽ ڏنڊ جي مد ۾ ھڪ لک 41 ھزار 500 رپيا رکيا ويا. ان موقعي تي فوڊ ٽيم جو چوڻ ھو ته شڪارپور ۾ پاؤڊر مليل کير ۽ کليل چانھن جي پتي صحت لا ھاڃيڪار آھي. شڪارپور ۾ کير اندر صرف ۽ پاؤڊر جو ڪافي مقدار مليو آھي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button