سنڌ

نصيرآباد ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ راڌڻ واسي نوجوان قتل

نصير آباد ويجهو ڳوٺ جاني بند وٽ انڊس ها وي تي نامعلوم هٿياربندن راڌڻ واسي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. نصير آباد ويجهو ڳوٺ جاني بند وٽ انڊس هاءِ وي تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن راڌڻ واسي نوجوان توفيق احمد پٽ رفيق احمد ابڙو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. راهگيرن روڊ تي نوجوان جو مڙهه پيل ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي نوجوان جو مڙهھ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ترت ئي واقعي جو اطلاع نوجوان جي وارثن کي ڏنو ويو. نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش ميھڙ ويجهو ڳوٺ راڌڻ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. پوليس موجب نوجوان جو قتل ذاتي دشمني تحت ٿيو آھي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button