عالمي

ڀارت ۾ طوفاني برساتون ۽ ٻوڏ، ٽن ڏينهن اندر 50 ڄڻا فوت

ڀارت ۾ ٽن ڏينهن کان هلندڙ طوفاني برسات 50 حياتيون کسي ورتيون آهن. ڀارتي ميڊيا مطابق ملڪ جي اوڀر ۽ اترين رياستن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته جابلو نئين جو پاڻي آبادي وارن علائقن ۾ داخل ٿي ويو، ڪيترائي ڊئم ٽٽڻ ۽ دريا اٿلي پوڻ جا اطلاع پڻ مليا آهن. ٻوڏ جي وهڪري رستي ۾ ايندڙ هر شي کي برباد ڪري ڇڏيو، ڇپون ڪرڻ سميت مختلف حادثن ۾ لڳ ڀڳ 50 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 10 کان وڌيڪ لاپتا آهن، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ڀارتي ميڊيا مطابق سڀ کان گهڻو جاني نقصان هماچل پرديش رياست ۾ ٿيو آهي، جتي 36 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن. اڙيسا ۾ ٻوڏ سبب 8 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن، جن مان لڳ ڀڳ سوا لک متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button