مانجهند تعلقي جي شھر منظورآباد ۾ ٻوڏ متاثر عورتن واهر نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي ليڊيز ونگ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ياسمين ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ 3 ڪلاڪ انڊس ها وي تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته برسات متاثر بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آھن. معصوم ٻارن سميت بک، بدحالي ۽ گندگي ۾ زندگي گذاريون پيا، جنهن سبب ڪيترائي ٻار بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن پر سياسي ڀوتار من پسند ماڻھن جي اوطاقن تي خيما ۽ راشن ڏياري موڪلين پيا. هوڏانهن اي سي مانجهند متاثرن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو. ڳوٺ ڪوٽائي چانڊيا ۾ برسات متاثرن عبدالرحمان چانڊيو، رحيم حسين چانڊيو، انور مڱڻھار جي اڳواڻي ۾ واهر نه ٿيڻَ ۽ برساتي پاڻي نيڪالي نه ڪرائڻ خلاف انڊس ها وي تي هڪ ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته طوفاني برسات سبب گهر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن، جنهن ڪري کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون. برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب روڊن تي دربدر ٿي رهيا آھيون. فوري طور پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪئي وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او وڏا ڇڇر مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي روڊ کولرايو. وي تي ڌرڻو هنيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close