پاڪستان

چين 4 هزار خيما،50 هزار ڪمبل ۽ ٻيو امدادي سامان موڪلي ڇڏيو

چين پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي مدد لا وک اڳتي وڌائيندي 4 هزار خيما، 50 هزار ڪمبل ۽ 50 هزار واٽر پروف شيٽن تي مشتمل امدادي سامان موڪلي ڇڏيو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وڏي جاني ۽ مالي نقصان جو اندازو لڳايو آهي، ان سلسلي ۾ اسان متاثرن لاءِ چار هزار خيما، 50 هزار ڪمبل ۽ 50 هزار واٽر پروف شيٽون فراهم ڪيون آهن، جڏهن ته متاثر ٿيل ماڻهن سان همدردي ۽ فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، اسان جون دليون سوڳوار خاندانن، زخمين ۽ متاثرن سان گڏ آهن. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته چين ۽ پاڪستان سچا دوست ۽ سٺا ڀائر آهن، اسان وڏين قدرتي آفتن جي وقت هڪٻئي جي مدد لاءِ هر وقت تيار رهندا آهيون. پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو ته چيني ريڊ ڪراس سوسائٽي 3 لک آمريڪي ڊالرن جي هنگامي روڪ امداد فراهم ڪندي، 25 هزار خيما ۽ ٻين شين تي مشتمل نئين کيپ جلد پاڪستان پهچائي ويندي، چين قدرتي آفتن جي روڪٿام ۽ موسمياتي تبديلين ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي وٺرائيندو رهندو، اميد آهي ته پاڪستان آفت سٽيل علائقن ۾ عوام جا مسئلا حل ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button