دادو ڀرسان مورو تعلقي جي حد ڳوٺ ملڪ ۾ فقير علڻ ملاح، فهيم ملاح سميت ٻين ڳوٺاڻن جا 30 کان وڌيڪ گهر ڊهي پيا آهن، متاثرين مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي واهر ڪري ٽينٽ ۽ مالي سهائتا ڪئي وڃي. ٻئي طرف دادو شهر جي پاڙي ۾ پير بخش سولنگي، بيواهه آست سومرو، الياس سولنگي سميت 11 کان وڌيڪ رهواسين جا گهر ڪري پيا آهن. متاثر کليل آسمان هيٺ برسات ۾ بي يارو مددگار ويٺل آهن. متاثرين دانهيو ته ڊي سي، اي سي، مختيارڪار سميت چونڊيل نمائندن جي بنگلن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر اسان کي ٽينٽ فراهم نه ڪيو ويو، متاثرين سنڌ سرڪار ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ٽينٽ ۽ مالي سهائتا ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close