عالمي

او آئي سي طرفان ميمبر ملڪن کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد جي اپيل

اسلامي سهڪاري تنظيم (او آ سي) سمورن ميمبر ملڪن کي پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل لکين ماڻهن جي مدد جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. او آ سي جي سيڪريٽري جنرل ابراهيم طاحا پاڪستان ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، اسان کي ٻوڏ متاثرن سان همدردي آهي، جڏهن ته او آ سي جي سڀني رڪن ميمبرن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي برادري کان اپيل ڪريون ٿا ته اهي پاڪستان ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جون پريشانيون گهٽائڻ لا هنگامي بنيادن تي امداد فراهم ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button