اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت،228 ماڻهن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي

اسلام آباد :نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 19 هزار 41 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. آچر تي اين آءِ ايڇ طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 هزار 41 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 228 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل پازيٽو ڪرونا ٽيسٽن جي شرح 1 ڏهائي 20 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪرونا وائرس سبب 3 مريض اجل جو شڪار ٿيا. جڏهن ته 114 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button