اسلام آباد :صحت بابت وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ضلعن ۾ اٽڪل 1200 هيلٿ ڪيمپون لڳايون وينديون، اهي ڪيمپون نيشنل ايمرجنسي آپريشن سيل، صوبائي اي او سيز ۽ آغا خان يونيورسٽي جي حصيداري سان لڳايون وينديون. قومي صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق صحت جي وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٻوڏ سبب متاٿر ضلعن ۾ اٽڪل 1200 هيلٿ ڪيمپون لڳايون وينديون، هيلٿ ڪيمپس ۾ بنيادي صحت جون خدمتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته هيلٿ ڪيمپس ۾ دوائن ۽ ٻارن جي ويڪسينيشن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته چمڙي جي بيمارين، اکين جي انفيڪشن، اينٽي ڊائريا جون دوائون پڻ فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته ڊيرا اسماعيل خان، پشاور، ٽانڪ جي هر ضلعي ۾ اهڙي قسم جون ڪيمپون لڳايون وينديون. وفاقي وزير چيو ته بلوچستان جي 6 ضلعن ۾ مجموعي طور تي 300 ڪيمپون لڳايون وينديون. هن چيو ته بلوچستان جي ضلعن ۾ لسٻيلا، جعفر آباد، نصير آباد، صحبت پور، جهل مگسي، بولان، موسيٰ خيل ۽ هرنائي شامل آهن. اهڙي طرح ڪراچي ۾ مجموعي طور تي 95 هيلٿ ڪيمپون لڳايون وينديون. جڏهن ته خيبرپختونخوا جي 8 ضلعن ۾ ڪل 400 ڪيمپون لڳايون وينديون. پنجاب جي ٻن ضلعن ڊي جي خان ۽ راجن پور ۾ 100 طبي ڪيمپون لڳايون وينديون. جڏهن ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 300 طبي ڪيمپون لڳايون وينديون جن ۾ قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور، دادو، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، بدين، شڪارپور ۽ ڪشمور شامل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close