پاڪستانسنڌ

برساتن ۽ ٻوڏ سبب 7 هزار اسڪول تباهه ٿي ويا آهن:سردار شاهه

عمرڪوٽ: تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه عمرڪوٽ ۾ سنڌ جي پهرين ٽينٽ سٽي اسڪول جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار شاهه چيو ته سڄي سنڌ جي رليف ڪئمپن ۾ ٽينٽ سٽي اسڪولن جو آغاز ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد ٻوڏ متاثر ٻارن جي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ آهي، برساتن ۽ ٻوڏ سبب 20 کان 22 ھزار اسڪول متاثر ٿيا آهن، جڏھن ته 6 کان 7 ھزار اسڪول مڪمل تباھه ٿيا آهن، باقي اسڪول رليف ڪئمپن ۾ تبديل ٿيندا، جيڪڏهن ڪا به سرڪاري عمارت خالي آھي ته ٻوڏ متاثرن کي ان ۾ منتقل ڪيو ويندو ته جيئن ٻارڙن جي تعليم متاثر نه ٿي سگھي. صوبائي وزيرِ ٻوڏ متاثر شاگردن سان ٽينٽ سٽي اسڪول ۾ وقت گذاريو. ھن وڌيڪ چيو ته سيڪريٽري تعليم کي پوري سنڌ ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده حالتن ۾ اھڙا قدم نه کڻون ھا ته 20 کان 25 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر ٿي وڃن ھا. لاگاپيل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ضلعي جي تعليم کاتي جي عملدارن کي رليف ڪئمپن ۾ ٽينٽ سٽي اسڪولن جي نگراني جو حڪم ڏنو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير ٽينٽ سٽي اسڪول ۾ شاگردن ۾ اسڪولي بيگ ۽ ڪتاب ورھايا. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد بخش ڌاريجو، ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ، ڊي او سيڪنڊري ۽ پرائمري، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سروپچند مالھي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button