عالمي

برطانيا ۾ اقتدار جي تبديلي، لزٽرس نئين وزيراعظم چونڊجي وئي

بورس جانسن جي جا تي عورت اميدوار لز ٽرس برطانيا جي نئين وزيراعظم چونڊجي وئي آهي، هن پنهنجي ئي پارٽي جي اميدوار رشي سونڪ کي اڪثريتي ووٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي، لز ٽرس کي برطانيا جي راڻي اڄ وزيراعظم جون ذميواريون سنڀالڻ جو چوندي. نئين چونڊيل وزيراعظم لز ٽرس کي 81 هزار 326 ووٽ مليا آهن، جڏهن ته مخالف اميدوار رشي سونڪ 60 هزار 399 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. واضح رهي ته برطانوي وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ڪل 11 اميدوار ميدان ۾ لٿل هئا، مختلف مرحلن بعد لز ٽرس ۽ رشي سونڪ مقابلي جي ميدان ۾ باقي بچيا هئا. لز ٽرس پهريون ڀيرو 2010ع ۾ نورفوڪ ذريعي پارليامينٽ ميمبر چونڊجي هئي، جڏهن ته ڊيوائس ڪيمرون، ٽريزامي ۽ بورس جانسن جي ڪابينا ۾ ذميواريون سنڀالي چڪي آهي. لز ٽرس پنهنجي چونڊ مهم دوران واعدو ڪيو هو ته هو انرجي بلن جي مسئلن مان عوام جي ڪجهه هفتن اندر ئي جند آجي ڪرائيندي. واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم بورس جانسن اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد 7 جولاءِ تي وزيراعظم عهدي تان استعيفا ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button