بخشاپور پوليس جو انوکو ڪارنامو سامهو اچي ويو. برسات ۽ ٻوڏ ستايل 72 ڄڻن مٿان راشن ڦر ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ٻوڏ متاثرن بخشاپور پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن امام بخش ڊومڪي، ثنا الله، فاروق، نزاڪت، فھاد، آصف، امانت علي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته برسات سبب اسان جا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن ۽ گذريل 20 ڏينهن کان پنهنجن معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سان کليل آسمان ھيٺان بي يارو مدد ويٺل آهيون، ويتر بخشاپور پوليس ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته ايس ايڇ او بخشاپور پ پ اڳواڻن جي ونگار وھندي اسان ٻوڏ متاثر مسڪينن مٿان ناحق بخشاپور ٿاڻي تي راشن ڦر ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ اسان جو ھڪ همراهه لياقت ڊومڪي نالي جيڪو سعودي عرب ۾ رهي ٿو ان مٿان به راشن ڦر ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. ھنن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ اسان پي ٽي آئي جي اميدوارن کي ووٽ ڏنا جنهن ڪري پ پ اڳواڻ اسان جي مٿان انتقامي ڪارروائي ڪرڻ تي لھي آيا آهن. ھنن جيف جسٽس سنڌ ها ڪورٽ، ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان مٿان دخل ٿيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close