سنڌ

ميرو خان ويجهو مختلف سم شاخن کي لڳل گهارا بند نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو

ميرو خان ويجهو مختلف سم شاخن کي لڳل گهارا بند نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهر ڪيو. ان سلسلي ۾ يوسي مستوئي جي ڳوٺ واحد بخش خاصخيلي، ڳوٺ جمن جانوري، امداد جي وانڍ سميت مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن پاران ايس آر دولت جي وانڍ سم شاخ ۽ شهدادڪوٽ مين ڊرين کي لڳل گهارا بند نه ڪرڻ ۽ آبپاشي عملدارن جي نااهلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ميروخان – شهدادڪوٽ روڊ تي اوڀايو خاصخيلي چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام نبي خاصخيلي، احسان چانڊيو ،صلاح مغيري ،صدام جانوري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺن ڀرسان گذر ڪندڙ ايس آر دولت جي وانڍ سم شاخ ۽ شهدادڪوٽ مين ڊرين کي مختلف هنڌن تان وڏا گهارا لڳڻ ڪري ڳوٺن ۾ قائم ڪچا ۽ ڪکاوان گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته گھارن جي پاڻي سوين ايڪڙ ساريالو فصل ٻوڙي ڇڏيو آهي، بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملدارن گهارا بند نه ڪيا جيڪي گهارا ٻه هفتا گذرڻ باوجود اڃا تائين هلي رهيا آهن پر انهن کي بند ڪرڻ لاءِ چونڊيل نمائندن توڙي آبپاشي انتظاميا پاران اڃان تائين ڪي انتظام ناهن ڪيا ويا جنهن ڪري گھارن جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي آهي. هنن ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته آبپاشي کاتي جي نااهلي ۽ لاپرواهي جو نوٽيس وٺي فوري طور گهارا بند ڪرائي ٿيل نقصان جي سروي ڪرائي ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button