سنڌ

ڏوڪري ۾ ٻوڏ متاثرن کي راشن ۽ ٽينٽ نه مليا، احتجاج

ڏوڪري ۾ ٻوڏ متاثرن کي راشن ۽ ٽينٽ نه ملڻ خلاف شهرين حبيب الله کوکر، ديدار شيخ، وزير گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن دانهيندي چيو ته متاثر ٿيندڙ ڏوڪري جا غريب ماڻهو خاندانن سميت کليل آسمان هيٺان روڊن تي ويٺل آهن پر چونڊيل نمائندن سميت ڏوڪري جا عهديدار حڪومت کان ملندڙ امدادي سامان متاثرن کي ڏيڻ بدران پنهنجي گھر رکي ڇڏيو آهي ۽ ڪجھه من پسند امير ماڻهن کي ڏئي رهيا آهن جن جا پڪا گهر ٺهيل آهي، غريب ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ متاثر بي يارو مددگار روڊن تي ويٺل آهن جن کي ٽينٽ ۽ راشن جي سخت ضرورت آهي انهن جي واهر ڪرڻ لاءِ چونڊيل نمائندا هڪ ڏينهن به لڙي ناهن آيا ۽ نه ئي ڪنھن انهن جي مدد ڪئي آهي. هنن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته متاثرن جي واهر ڪري کين ايندڙ امدادي سامان ٽينٽ ۽ راشن ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button