سنڌ

قمبر ۾ ڳوٺاڻن جو ڏوهارين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

قمبر جي دوست علي بنگلا ٿاڻي جي حد ڳوٺ سندو سپرو جي رهواسين جو ڏوهارين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي راحب علي سپرو، پير بخش سپرو، صدام حسين سپرو، نظير سپرو، پنھل سپرو ۽ پيرسن عورت زينب خاتون پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو دانهيندي چيو ته ڪالهه رات اسان جي ڳوٺ ۾ هٿياربندن مجاهد سپرو،محبوب سپرو، ميهر سپرو ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي اوطاق ۾ بيٺل ٽريڪٽر ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي اسان مزاحمت ڪئي ته جوابدارن ڪھاڙيون هڻي ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري ميسي ٽريڪٽر کي ڪهاڙيون هڻي ڀڃي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اهڙي دانهن حد جي ٿاڻي دوست علي بنگلا تي ڪئي آهي پر جوابدارن ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان غريب آهيون بااثرن ڏوهارين ظلم ڪيو آهي. اختياريون ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ڏيارين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button