سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ هائي ڪورٽ طرفان پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ متاثرن کي رليف ڏيڻ جو حڪم

لاڙڪاڻي جي سينيئر وڪيل سرفراز جتوئي ۽ وڪيل رفيق ابڙو پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ توڙي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف داخل پٽيشن جي شنوائي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ خادم حسين تونيو جي عدالت ۾ ٿي، جتي ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور علي لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ عابد علي، ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ، ڊي سي شڪارپور ۽ ڊي سي جيڪب آباد سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. جتي عدالت متاثرن کي رليف سميت پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي 8 سيپٽمبر تي پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان حوالي سان پٽيشنر وڪيل رفيق ابڙو ٻڌايو ته 6 ڏينهن اڳ مون لاڙڪاڻو ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ضلعي انتظاميه کي برساتن توڙي ٻوڏ جي اڳواٽ خبر هوندي بندن جي مضبوطي توڙي ٻوڏ متاثرن کي اڳواٽ محفوظ هنڌن تي منتقل ناهي ڪيو ويو نه ئي انهن کي کاڌ خوراڪ سميت ٽينٽ ڏنا ويا آهن جيڪي ٽينٽ ضلعي انتظاميه پي ٽي ايس سميت ٻين مختلف هنڌن تي رکيا ويا آهن شهر ۾ برساتي پاڻي نيڪالي لاءِ پيٽرول جي مد ۾ ڪروڙين رپيا جاري ڪيا ويا پر پاڻي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين موجود آهي جنهن تي عدالت لاڳاپيل آفيسرن کان سختي سان پڇاڻو ڪري کين 8 سيپٽمبر تي ٻيهر پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button