سنڌ

نئون ديرو ۾ صحافت جو بنياد رکندڙ شمن شاهه بيماري بستري حوالي

نئون ديرو ۾ صحافت جو بنياد رکندڙ سينيئر صحافي شمن شاهھ به شديد برساتن جي زور کان نه بچي سگهيو. سندس گهر ڊهي پٽ پئجي وڃڻ سان شديد بيماري واري حالت ۾ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي بستري ڀيڙو ٿي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار پيل مسيحا جو منتظر بڻيل آهي. سيد شمن شاهه شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب نئون ديرو جي بنيادي ميمبر هجڻ سان گڏ پريس ڪلب جي مئنيجمينٽ ڪاميٽي جو ميمبر پڻ آهي. شمن شاهه جو چوڻ هو ته پيشاب، رڳن جي سور ۽ ڪمزوري وڌڻ ڪري تمام گهڻي تڪليف ۾ آهيان، مٿان شديد برسات سبب گهر به ڪري پوڻ ڪري کليل آسمان هيٺان بيماري جي حالت ۾ پيل آهيان. شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب جي صحافتي سٿ انتظاميا ۽ وسوارن کي اپيل ڪئي آهي ته شمن شاهه جي واهر ڪئي وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button