سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ ڪرايو وٺندڙ ڪوچن خلاف ڪارروائي، اڏو سيل

لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو مسافرن جي شڪايتن تي سچل ٿاڻي جي پوليس کي ساڻ ڪري شهر جي پي ٽي ايس روڊ تي قائم ڪوچن جي اڏي تي ڪارروائي ڪئي، جتي ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ڪوچ مالڪن پاران مسافرن کان وڌيڪ ڪرايو وٺڻ تي هڪ اڏي کي مڪمل طور تي سيل ڪري 20 هزار روپيا ڏنڊ لڳايو. ان موقعي تي اي سي لاڙڪاڻو احمد علي سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪافي ڏينهن کان اسان کي شڪايتون ملي رهيون هيون ته ڪوچز مالڪ ۽ ڊرائيور ڪراچي سميت ٻين شهرن ڏانهن سفر ڪرڻ تي ڳرا ڪرايا وٺي رهيا آهن، جنهن تي اڄ هي ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن ۾ اي ڪي سي ڪوچ سروس پاران مسافرن کان ڪراچي جو ڪرايو 12 سئو جي جاءِ تي 2 هزار روپيا ورتو پيو وڃي، اهڙي ريت ٻين شهرن جو ڪرايو به وڌايو ويو آهي، جڏهن ته اي ڪي سي ڪوچ سروس جي اهڙي عمل تي اسان ان جي آفيس کي سيل ڪرڻ سان گڏ ٻين ڪوچ مالڪن کي وارننگ ڏني آهي ته جيڪڏهن هو به اهڙو عمل ڪندا ته انهن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ايس ايڇ او سچل نيئر بروهي ۽ ٻيا عملدار موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button