سنڌ

جنگ تعليمي مهارت سان وڙهي سگهجي ٿي:وي سي مهراڻ

مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي مک آڊيٽوريم ۾ 6 سيپٽمبر جي مناسبت سان “يومِ دفاع ۽ شهداءِ پاڪستان” جو ڏهاڙو ملهايو ويو. 6 سيپٽمبر 1965ع جي جنگ ۾ شهيد ٿيل جوانن کي ڀيٽا ڏيندي وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته جنگ رڳو هٿيارن سان نه وڙهي ويندي آهي پر اها تعليم، اخلاق ۽ ٽيڪنالوجي ۾ مهارت سان به وڙهي ويندي آهي. موجوده دور ۾ جنگ سرحدن بجاءِ ٽيڪنالوجي ۽ تعليمي مهارت سان ڪاميابيءَ سان وڙهي سگهجي ٿي. وائيس چانسلر چيو ته جنگ رڳو فرد واحد جي زور تي وڙهي يا کٽي نٿي سگهجي پر اها قوم ٿي وڙهي سگهجي ٿي. 65ع واري جنگ ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهي. نون ايندڙ شاگردن تي ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جو بار آهي، انهن کي ماضيءَ جي جنگين ۽ حادثن مان سکندي روشن مستقبل لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. تقريب ۾ شاگردن يومِ دفاع جي مناسبت سان سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ تقريرون پڻ ڪيون جن کي انعام ڏنا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button