عالمي

چين جي سيچوان صوبي ۾ زلزلي جون تباهيون، مجموعي طور 74 ڄڻا فوت

چين جي صوبي سيچوان ۾ 5 سالن اندر آيل سڀ کان شديد زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 74 ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سيچوان ۾ زلزلي بعد آفٽر شاڪس اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته هيل تائين 260 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن، ان کان علاوه 26 ڄڻا لاپتا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي. خابرو اداري موجب زلزلي سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ روڊن جي مرمت ڪري ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سيچوان صوبي ۾ 2017 کان بعد ۾ آيل هي سڀ کان شديد زلزلو آهي، جنهن ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ڪري بجلي توڙي پاڻي جي بنيادي ڍانچي ۽ مواصلات جي نظام کي سخت نقصان پهچايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button