![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2022/09/bhan-1-780x470.jpg)
منڇر ڍنڍ جي ڪٽن ۽ ايم اين وي جي گهاري تعلقي سيوهڻ ۾ رڪارڊ تباهي مچائي ڇڏي آهي. يوسي واهڙ، بوبڪ، جعفرآباد، آراضي ۽ يوسي چنا ۾ 10 کان 15 فوٽ پاڻي بيهي رهيو آهي، جڏهن ته ڀان سيدآباد جو سم نالو پڻ آر ڊي هڪ کان 9 تائين اوور ٽاپ ٿي رهيو آهي، جنهنڪري ڀان سيدآباد شهر ۽ يوسي ٽلٽي، ٻنڀا ۽ يوسي شيخ به ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، ان حوالي سان ڊي سي ڄامشورو ڀان سيدآباد شهر خالي ڪرڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. منڇر ڍنڍ کي ٻن هنڌن تان لڳايل ڪٽن ۽ ايم اين وي ڊرين کي گهاري کانپوءِ ٻوڏ جو پاڻي يوسي بوبڪ، واهڙ، چنا، جعفرآباد ۽ آراضيءَ ۾ تباهي مچائڻ کانپوءِ ڀان سيدآباد شهر جي حفاظتي بند انڊس لنڪ ڪئنال جي ڪپرن سان ٽڪرائجي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڊي سي ڄامشورو ڀان سيدآباد شهر لاءِ وارننگ الرٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفيٰ پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته سم نالي کي آر ڊي هڪ کان 14 تائين خطرو آهي، ان کي ڪنهن به وقت گهارو لڳي سگهي ٿو، ڀان شھر سميت ٽن يونين ڪائونسلن يوسي ٻنڀا، يوسي شيخ، يونين ڪائونسل ٽلٽي جا رهواسي محفوظ ھنڌن تي نڪري وڃن.