اسلام آباد :ٻوڏ سبب ملڪ جي مختلف تڪن ۾ 11، 25 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ننڍيون چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن.چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ننڍي چونڊ ۽ ٻوڏ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ 11، 25 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 13 تڪن ۾ ٿيندڙ ننڍيون چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن موجب ننڍين چونڊن جي رڳو پولنگ جي تاريخن کي ملتوي ڪيو ويو آهي، باقي مرحلا شيڊيول موجب ٿيندا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب سيڪيورٽي ادارا امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن، خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي ۽ ٻوڏ سبب لڏپلاڻ جي ڪري مقرر تاريخن تي چونڊ ممڪن ناهي، حالتن جي بهتري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي موجودگي تي نين تاريخن جو اعلان ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي جي 10 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن تي ننڍي چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي. 11 سيپٽمبر تي اين اي 157 ملتان، پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 139 شيخوپورا ۽ پي پي 239 بهاولنگر ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ قومي اسيمبلي جي 9 تڪن ۾ 25 سيپٽمبر تي اليڪشن ٿيڻي هئي، جن مان عمران خان پي ٽي آءِ طرفان اميدوار آهي، اتي به چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي. گڏوگڏ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 209 ۾ 2 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ به ملتوي ڪئي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close