اسلام آبادبلوچستانپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

ٻوڏ سان معيشت کي 12 ارب ڊالرن جو وڏو نقصان ٿيو:رپورٽ وزيراعظم حوالي

اسلام آباد : ناڻي واري وزارت ٻوڏ سان معيشت کي پهتل نقصانن جي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي موڪلي ڇڏي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن سبب شروعاتي ڪاٿي تي ٻڌل رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ زراعت ۽ انفرا اسٽرڪچر سميت ٻيا نقصان ٿيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سان ڪمزور ملڪي معيشت کي 12 ارب ڊالرن جو وڏو نقصان ٿيو، جنهن کي ڏسندي معاشي اوسر جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ ٿي. 3 ڏهائي 3 سيڪڙو رهڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم آفيس کي موڪليل رپورٽ ۾ معاشي اوسر جي شرح ۾ گهٽتائي سبب روزگار فراهم ڪرڻ جي شرح ۾ 1 ڏهائي 2 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ سبب تقريبن 180 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا مڪمل نه ٿي سگهندا ۽ منصوبا متاثر ٿيڻ سان 6 لک ماڻهن کي روزگار فراهم نه ڪري سگهبو. ان حوالي سان ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف اختيارين سان رابطو ڪيو آهي. جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جي رپورٽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن کي به موڪلي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن کان مالياتي امداد جي اپيل جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button