آمريڪا پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل ماڻهن لاءِ وڌيڪ ٻه ڪروڙ ڊالر امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي ڪانگريس ميمبر شيلا جيڪسن لي هيوسٽن ۾ چندو جمع ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري بعد آمريڪي انتظاميا کي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ جو بائيڊن انتظاميا وڌيڪ 20 ملين ڊالر امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي ميئر هيوسٽن ۽ ڪانگريس ميمبر ايل گرين جو چوڻ هو ته اسان هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستانين سان گڏ بيٺل آهيون، عالمي برادري به پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close