بلوچستانسنڌ

موهن جو دڙو محفوظ آهي، عالمي لسٽ مان نه پيو ڪڍيو وڃي: سردار شاهه

ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته موهن جو دڙو محفوظ آهي ۽ عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست مان نه پيو ڪڍيو وڃي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جو تاريخي ورثو موهن جو دڙو هن وقت رڳو 10 سيڪڙو مٿي آهي، جڏهن ته 90 سيڪڙو زمين جي هيٺان آهي ۽ اڃا تائين ڪڍيو ئي نه ويو آهي، دڙي جا 90 سيڪڙو کنڊر زمين، ايئرپورٽ ۽ ميوزيم جي هيٺان آهن، موهن جي دڙي جي 5 هزار سال قديمي پاڻي نيڪالي واري نظام اڄ به ڪم ڪيو، جتي باقي سمورا شهر ٻڏي رهيا هئا، اتي موهن جي دڙي جي گريٽ باٿ ۾ جمع ٿيل پاڻي فوري طور نڪري ويو. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ فنڊن جي کوٽ آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button