لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ ميهڙ جي ڳوٺ پکيئڙو ماڇي جي رهواسين عرفان سولنگي، محمد صالح سولنگي، نورل سولنگي، اصغر سولنگي ۽ ٻين چيو ته اسان گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ۽ فصل تباهه ٿي ويو جنهن ڪري جان بچائي لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئنال ڪڙ وٽ رهائش اختيار ڪئي پر هن وقت تائين راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو ان لاءِ اسان ڪيترائي ڀيرا درخواستون کڻي ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر اسان کي دادو ضلعي جو ڄاڻائي راشن، ٽينٽ ۽ سامان نٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري معصوم ٻارڙا کليل آسمان هيٺان زندگي گذاري رهيا آهن پر ڪنھن کي ڪو رحم نه پيو اچي. ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي پراڻي بس اسٽينڊ واري علائقي جي رهواسي واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پورهيت نوجوان شعبان علي ڀٽي چيو ته برساتن ڪري بيروزگار ٿي ويو آهيان، گهر وارا ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن. هن الزام لڳايو ته پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر بشير ڀٽي کي راشن ۽ ٻيو سامان مليو آهي ان تي مون سندس بنگلي تي وڃي راشن جي گهر ڪئي پر هن انڪار ڪيو ۽ بعد ۾ هن جي پٽن مون کي تشدد جو نشانو بڻايو جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته راشن ڏئي گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close