
شهدادڪوٽ ۾ پراڻي تڪرار تان رٽائرڊ پوليس جمعدار کي ھٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. شهدادڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مستوئي محلي ۾ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ميڊيڪل اسٽور تان دوائون خريد ڪندڙ 54 ورھين جي رٽائرڊ پوليس جمعدار مختيار ڀٽي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. واقعي کانپوءِ مقتول جي لاش کي وارث موٽرسائيڪل تي کڻي اچي تعلقه اسپتال پهچايو پوسٽ مارٽم ٿيڻ کانپوءِ مقتول جو لاش علي آباد محلي ۾ گھر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو. مقتول کي 6 پٽ 3 نياڻين جي اولاد آھي. ھوڏانھن ٻڌايو وڃي ٿو ته مختيار ڀٽي کي پراڻي تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي. واقعي جو ڪيس اڃان تائين داخل نه ٿي سگهيو آهي.