شاھبندر جي آخري ڇيڙي ۾ ڪوڪا رٽائرينگ بچا بند کي هڪ وڌيڪ 80 فوٽ جو گهارو لڳي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي تيزي سان ڳوٺ آدم ڪليري، ڳوٺ حاجي غلام حسين ڪليري ۾ داخل ٿي ويو. ڳوٺاڻا سر بچائي ٻاھر نڪتا. سندن الھه تلھه پاڻي ۾ لڙھي ويو. جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريون، سبزيون، ڪمند ۽ ٻيا فصل ٻڏي ويا. پاڻي تيزي سان کاروڇاڻ تعلقي جي يوسي جان محمد جت ۾ داخل ٿي ڳوٺ احمد جت، ڳوٺ جراڙ ٻالھاڻي ملاح، ڳوٺ اميربخش جت، ڳوٺ مير سليمان ڌانڌل، ڳوٺ علي محمد سمون ۽ ٻين کي ٻوڙي ڇڏيو. ڳوٺاڻن پاڻمرادو روڍن کي ڪٽ ڏئي پاڻي کي سمنڊ ڏانھن رستو ڏنو. جڏھن ته آبپاشي کاتي جو ڪوبه عملدار نه پھتو. روڍن کي ڪٽ ڏيڻ سبب 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close