عالمي

آرمينيا ۽ آذربائيجان ۾ چڪريون، مارٽر گولا وسايا ويا

ماسڪو: آرمينيا ۽ آذربائيجان وچ ۾ سرحدي علائقن وٽ تازيون چڪريون ٿيون آهن. آذربائيجان جي بچاءُ واري وزارت الزام لڳايو آهي ته آرمينيا سرحد وٽ وڏي پئماني تي چڙ ڏياريندڙ ڪارروايون ڪري رهيو آهي، آرمينيا سرحد ويجهو مارٽر گولا وسايا، جنهن سبب فوجين کي نقصان رسيو. ٻئي پاسي آرمينيائي بچاءُ واري وزارت دعويٰ ڪندي چيو آهي ته آذربائيجان رات دير سان سرحدي علائقي وٽ شيلنگ ڪئي جنهن دوران ڊرونز جو استعمال پڻ ڪيو ويو. هوڏانهن آمريڪا آرمينيا ۽ آذربائيجان تڪرار ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهڙي صورتحال تي سخت ڳڻتي آهي، فوجي دشمني فوري ختم ڪئي وڃي. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ نگورنو ڪاراباخ ريجن تي ٻه سال اڳ پڻ ويڙهه ٿي هئي، ڇهن مهينن تائين جاري رهندڙ ويڙهه ۾ ساڍا ڇهه هزار کان وڌيڪ انساني حياتيون وڃائيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button