پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ بک بعد بيمارين منهن ڪڍيو، هڪ ڏينهن ۾ 3 ڄڻا فوت، احتجاج

فريدآباد: فريدآباد ڪاڇي ۾ ٻوڏ کانپو صورتحال ڳنڀير ٿي وئي، گيسٽرو، بخار، ڳلي جي سوڄ، خارش سميت مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي. جنهن ڪري ٻارڙا توڙي وڏا مبتلا ٿي ويا آهن، فريدآباد شھر جي معزز شخصيت سيد ممتاز علي شاهه جو 18 ورھين جو نوجوان پٽ سيد مرتضى شاهه ڳلي جي بيماري مبتلا ٿيڻ کانپو لاڙڪاڻو جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. جڏھن ته فريدآباد لڳ ڳوٺ مٿين عاليوال جي رھواسي ٻوڏ متاثر مولوي االاھي بخش چانڊيو جي ڀائٽي ڪلثوم ڌي احمد علي چانڊيو ٻوڏ جو گندو واپرائڻ ڪري بخار ۽ پيٽ جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ميھڙ جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي. ھوڏانھن فريدآباد ويجهو ڳوٺ ميرپور واسي ايم اين وي ڊرين جي ڪپ تي ويٺل ٻوڏ متاثر 35 ورھين جو نوجوان علي نواز پٽ مٺل چانڊيو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو آھي، جڏهن ته فوت ٿي ويلن جي وارثن جي گھرن ۾ ڪھرام متل آھي.

ٻئي طرف علائقي جي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ٻوڏ متاثرن فقير رستم علي چانڊيو، رفيق احمد خاصخيلي، رجب علي چانڊيو، نثار خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ کي 25 ڏينهن ٿي ويا آھن پر چونڊيل نمائندن سميت ڪوبه سرڪاري عملدار ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۾ ناھين پھتا، ٻوڏ متاثر شديد گرمي ۾ روڊن، رستن ۽ بندن تي کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن. جن کي نه ٽينٽ آھن نه پيئڻ جو صاف پاڻي آھي، نه ئي کاڌ خوراڪ آهي. ھينئر تائين ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون به لڳي ناھين سگھيون، جنهن ڪري ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۾ مختلف بيمارين منھن ڪڍيو آھي، اسان جا معصوم ٻار، عورتون توڙي مرد بک، بدحالي ۽ بيمارين ۾ مري رھيا آھن. ھنن چيو ته فريدآباد ڪاڇي ۾ ايڏو وڏو الميو ٿيو آهي ۽ اتنظاميه جي ڪن لاٽار سمجھه کان ٻاھر آھي. ھنن گھر ڪئي ته ڪاڇي ۾ بک، بدحالي ۽ بيمارين جو نوٽيس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button