لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ جماعت اهلسنت قاسميه درگاھه مشوري شريف طرفان شهر جي جناح باغ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي 145 هون ساليانو جلسو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ حضرت الحاج پروفيسر منظور احمد مشوري، الحاج منير احمد مشوري، حافظ علي اڪبر قاسمي، مولانا ڪريم بخش مشوري، مولانا محمد ياسين مشوري، مولانا محمد آصف اڄڻ، مولانا علي نواز قاسمي، شيخ عبدالعزيز قاسمي، نعت خوانن محمد واجد علي مشوري، عياد الله مشوري، فقير ضياءُ، عاجز جمالي سميت ملڪ جي مختلف شهرن سان واسطو رکندڙ عقيدت مندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پروفيسر منظور احمد مشوري چيو ته ڪربلا جي شهيدن کي صرف 10 محرم الحرام تي نه پر هر وقت ياد ڪيو ويندو آهي، هي ڏکوئيندڙ واقعو آهي ۽ حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجن ٻچڙن کي پنهنجي سامهون شهيد ٿيندي ڏسندو رهيو، جڏهن ته ڪربلا جي سرزمين تي 72 پاڪ شهيد ڪيا ويا، پر تنهن وقت به امام حسين عليه السلام نماز، قرآن شريف ۽ سنت محمدي ﷺ کي آخري ساهھ تائين ياد ڪندو رهيو ۽ اسلام کي بچائيندو رهيو، ان ڪري هن شهادت واري واقعي کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن، پر پوءِ به هر وقت ڪربلا جي شهيدن جي ياد تازي رهندي آهي. هن چيو ته يزيديت اسان وٽ واڌ ڪري رهي آهي، ان ڪري اسان مسلمانن کي گهرجي ته پنهنجن نوجوانن تي ڪنٽرول ڪري يزيديت کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته هر حال ۾ نماز کي قائم ڪندي قرآن شريف جو ورد ڪيو وڃي ۽ خيرخيرات پڻ ڪئي وڃي. ان موقعي تي فقير رضا کوکر، حافظ خالد کوسو، اياز شيخ، شير احمد جمالي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close