اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

روس پاڪستان کي گئس سان گڏ ڪڻڪ ڏيڻ جي به آڇ ڪئي:خواجا آصف

اسلام آباد:بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته روس پاڪستان کي گئس سان گڏ ڪڻڪ ڏيڻ جي به آڇ ڪئي آهي. في الحال آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي. قوم کي گڏيل اتحاد ۽ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي. ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام کي متحد ٿي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. شنگهائي تعاون تنظيم ايس سي او جي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي ڀرپور پذيرائي ملي، ان موقعي تي هن 10 ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪيون، پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام جي فضا جي خاتمي جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪي ترقي لاءِ مدد ڪندڙ ملڪ ان کان متاثر ٿين ٿا. جڏهن ته اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ جي حالت خراب هئي، جيڪا لاڳيتو بهتر ٿي رهي آهي، حالتن ۾ بهتري ايندي ته مهانگائي به گهٽ ٿيندي. صدر پيوٽن روس يوڪرين تڪرار تي پاڪستان جي نقطئه نظر کي ساراهيو، اداري جي روايت ۽ تقدس ان ڳالهه جي گهرجائو آهي، ته نئين آرمي چيف جي مقرري کي بحث جو موضوع نه بڻايو وڃي. هي آئيني فريضو آهي جيڪو وقت تي نڀايو ويندو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي ايس سي او سربراهي مملڪت جي اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو. هن چيو ته اجلاس دوران پاڪستاني قيادت ۽ وفد جون غير رسمي ملاقاتون ٿيون، تنظيم جي ميمبر ملڪن ٻوڏ جي حوالي سان پاڪستان سان همدردي جو اظهار ڪندي مدد جو اشارو ڏنو. هن چيو ته ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي چين، روس، ايران ۽ ترڪيه جي صدرن سان اهم ملاقاتون ٿيون جن ۾ سمورن ملڪن جي قيادت ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي چين جي دوري جي دعوت ڏني. نومبر جي پهرين هفتي ۾ چين جو دورو ڪندو. بچاءَ واري وزير چيو ته روس جي صدر پڻ وزيراعظم کي روس جي دوري جي دعوت ڏني جنهن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. خواجه آصف چيو ته ايندڙ وقتن ۾ فصلن جي تباهه ٿيڻ سبب غذائي تحفظ جي حوالي سان مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون جن لاءِ عالمي، علائقائي ۽ پاڙيسري برادري جي مدد جي ضرورت پوندي. هن چيو ته آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ پاڪستان سان ٻيهر پنهنجي پروگرام شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسان جو ترجمان بڻيل آهي. هن چيو ته ان باوجود پاڪستان ۾ ناڪاري سياست جي رجحان ۾ گهٽتائي نه آئي. هن چيو ته وزيراعظم سمرقند مان واپسي تي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي آهي جنهن کان پوءِ هو ملڪه برطانيه جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ برطانيه ويندو. جتان هو جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ روانو ٿيندو. ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ مدد لاءِ متحد ٿي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. خواجا آصف چيو ته صدر پيوٽن روس يوڪرين تڪرار تي پاڪستان جي نقطئه نظر کي ساراهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پهريون ڀيرو ڪنهن عالمي پليٽ فارم ۾ شرڪت لاءِ ويو. ان موقعي تي جيتري پذيرائي ملي ان جو ڪو مثال نٿو ملي. هڪ سوال جي جواب ۾ بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ عوام جي مفادن ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ ذاتي مفادن ۽ انا کي اڳتي نه اچڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف جڏهن مخالف ڌر جو اڳواڻ هو ته ان وقت پڻ هن اسيمبلي ۾ ميثاق معيشت جي دعوت ڏني هئي، جيڪا رد ڪئي وئي هئي. اڄ پڻ معيشت تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هن نئين آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته آئين ۾ جيڪو طريقو لکيل آهي، ان مطابق موجوده وزيراعظم جيڪو هوندو اهو آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ڪندو. شهباز شريف نومبر ۾ ان جو فيصلو ڪندو. نواز شريف 4 ڀيرا آئيني فرض سرانجام ڏنا. هن چيو ته عمران خان هڪ ڏينهن آفر ڪري رهيو آهي ته وري ٻئي ڏينهن ان تان ڦري وڃي ٿو. هي آئيني فرض آهي ۽ وقت تي نڀايو ويندو. ايندڙ چونڊون آگسٽ م ٿينديون. هن چيو ته فوج جي سربراهه جون وفاداريون دستور، آئين ۽ اداري سان هونديون آهن، انهن کي تڪراري نه بڻايو وڃي، ان کان پاسو ڪيو وڃي. سياست ٿيندي رهندي آهي، سڄي دنيا ۾ سياستدان هڪٻئي سان سياسي ميدان ۾ جهيڙيندا آهن، هي سلسلو اڳ ۾ به هليو آهي ۽ آئينده به جاري رهندو پر سياست کي ادارن ۾ نه گهلڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button