ڪلوئي: زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ واري معاملي تي ٿرڪول روڊ تي حامين ۽ مخالفن پاران لڳل ڌرڻي کي 70 ڪلاڪ گذري ويا، پر انتظاميا مسئلو حل نه ڪرائي سگهي. ڊي سي بدين به ڳالهيون ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ شادي لارج بائي پاس تي جهڏو، ملڪاڻي ۽ ڊگهڙي جي ماڻهن ڪٽ هڻڻ لاءِ ڌرڻو جاري رکيو. ان موقعي تي ممتاز کوسو، اياز کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پراڻ جا قدرتي لنگهھ بحال ڪيا وڃن ته مٿي اسان جا ٻڏل علائقا صاف ٿي ويندا. هوڏانهن نيوي موڙ تي مقامي ماڻهن عبدالرزاق درس، لالا اياز پٺاڻ ۽ ٻين ٽئي ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو. هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ هر حال ۾ نه هڻڻ ڏينداسين. اسان انتظاميا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڪو حل ناهي، ان لا چائنا ڌڪو وٽان پاسي مان ڪٽ ڏئي پاڻي ڪڍي سگهجي ٿو. ٻئي پاسي ڊي سي بدين آغا شاهنواز شادي لارج بائي پاس تي ڪٽ هڻڻ جو مطالبو ڪندڙ مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته 70 ڪلاڪ کان ٻئي ڌرڻا آمهون سامهون هئڻ ڪري ٿرڪول روڊ بلاڪ آهي، جنهن سبب هزارين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن ۽ مسافر سخت پريشان آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close