پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ۾ معصوم ٻارڙو گيسٽرو وگهي فوت

ڪڪڙ: ڪڪڙ ۾ ٻوڏ متاثر معصوم نينگر گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو. ڪڪڙ ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺ ٻيلو پتڻ ۾ ٻوڏ متاثر گلزار ڀٽو جو معصوم 6 سالن جو پٽ شيراز ڀٽو گيسٽرو وگهي گهر اندر فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ٻوڏ جي پاڻي ۾ سڄو ڳوٺ گهيريل آهي، پر ضلعي انتظاميا سميت ڪنهن به واهر ناهي ڪئي، گندي پاڻي ۽ مڇرن سبب سبب مرد ۽ عورتن سميت معصوم ٻار مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن، گيسٽرو عام جام ٿي وئي آھي، صحت کاتي دادو جا عملدار نوٽيس نٿا وٺن. هنن سيشن جج دادو کان مطالبو ڪيو ته خدارا نوٽيس وٺي ڳوٺاڻن کي رليف ڏياري ميڊيڪل ڪئمپون لڳرائي علاج ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button