
اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ذوالفقارعلي ڀٽو جونيئر پنهنجو سوشل ميڊيا اڪائونٽ بابت ٻڌائي ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ذوالفقارعلي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته منهنجو فيس بوڪ تي ڪو اڪائونٽ نه آهي. هن چيو ته منهنجي نالي ۽ تصوير سان جيڪي به فيس بوڪ اڪائونٽ آهن، اهي سڀ جعلي آهن. ذوالفقارعلي ڀٽو چيو ته منهنجو هڪ ئي ٽوئيٽر اڪائونٽ آهي، جيڪو مان استعمال ڪري رهيو آهيان.