سنڌ

ڪراچي ۾ ٽينٽ سٽي جو ڪم رڪيل،ٻوڏ متاثر رلي ويا

سنڌ حڪومت جي عدم دلچسپي، ڪراچي ۾ برسات متاثر رلي ويا، ملير ۾ قائم ٿيندڙ ٽينٽ سٽي جو ڪم رولڙي جو شڪار هجڻ سبب سرڪاري ڪيمپن توڙي ٻاھر ويٺل برسات متاثر ماڻھو بکن ۾ فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا. خبر موجب سنڌ حڪومت جي لاپرواھي سبب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ھزارين ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار ويٺل آھن. سپر ھاءِ وي، سچل ڳوٺ، ناردرن باءِ پاس، لنڪ روڊ گھگھر ڦاٽڪ، ڀٽائي آباد، ليبر اسڪوائر، گلشن حديد، کوھي ڳوٺ، پپري سميت مختلف علائقن ۾ برسات متاثر دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. ضلعي ملير ۾ 9 سرڪاري ڪيمپن ۾ ترسيل 3 ھزار ٻوڏ متاثر به صحت ۽ خوراڪ جي گهٽتائي سبب پريشان حال واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، سرڪاري ڪيمپن ۾ صفائي ۽ صحت جو نظام ناڪاره هجڻ ڪري برسات متاثر جا ڏک ٻيڻا ٿي ويا آهن، جڏهن ته مختلف هنڌن تي غير سرڪاري مدد نه ٿيڻ جي ڪري ماڻهو بغير کاڌ خوراڪ ۽ ٽينٽ نه ملڻ ڪري پريشان حال واري زندگي گذاري رهيا آهن. سنڌ حڪومت پاران ملير جي علائقي گلشن حديد ڀرسان لنڪ روڊ وٽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سيڪٽر نمبر 18 ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ وارو مرحلو به رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام پاران ڪيمپ سٽي جو دورو پڻ ڪيو ويو. ان باوجود به ٽينٽ سٽي جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي. برسات متاثرن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار جي ڪابه سنجيدگي نٿي نظر اچي، جيڪي ماڻهو ڪيمپن ۾ ويٺل آهن اهي به دربدر آهن ۽ جيڪي ماڻهو ڪيمپن کان ٻاهر ويٺل آهن اهي به دربدر ٿي ويا آهن، اسان مختلف ضلعن تعلقن ڳوٺن کان دربدر ٿي ڪراچي پهتا آهيون پر افسوس آهي جو ڪراچي ۾ ٽينٽ سٽي جي نالي تي اسان کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ٽينٽ سٽي جو ڪم مڪمل ڪري اسان کي منتقل ڪيو وڃي، اسان کي ڪراچي ۾ عارضي طور رهائش ڏيڻ بدران مستقل طور تي آباد ڪيو وڃي، اسين مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهيون، جيسيتائين اسان جي ڪراچي ۾ مستقل طور آباد نٿو ڪيو وڃي، تيسيتائين اسان پريشان رهنداسين. ٻئي پاسي متاثرن چيو ته صحت جي ڪابه سهولت ناهي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مقبول ميمڻ جي دعويٰ باوجود صحت جي سهولت کان محروم آهيون، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار صرف دورا ڪري وڃن ٿا پر ڪوبه برسات متاثرن جي سنجيده مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اهو ئي سبب آهي ته سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، ناردرن باءِ پاس، سپر هاءِ وي، ملير سميت سڄي ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثر دربدر آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button