آسٽريليا جي حڪومت پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري عمل ۾ پنهنجو حصو وجهڻ لا وڌيڪ ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ 30 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستاني هاءِ ڪميشن مطابق آسٽريليا جي اختيارين چيو آهي ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي، ملڪ جو ٽن کان وڌيڪ حصو ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، متاثرن لاءِ وڌيڪ 3 ملين ڊالر امداد ڏني ويندي، اها امداد ورلڊ فوڊ پروگرام تحت فراهم ڪئي ويندي. ان موقعي تي پاڪستاني هاءِ ڪميشن جو چوڻ هو ته حڪومت پاڪستان ۽ عوام مصيبت جي هن گھڙي ۾ آسٽريليا جي جذبي ۽ ايڪي کي ساراهين ٿا. واضح رهي ته آسٽريليا ان کان اڳ پاڪستان کي 20 لک ڊالرن جي امداد فراهم ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close