
صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ اي) پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ بعد وبائي بيمارين ۽ جاني نقصان جي صورت ۾ هڪ ٻي آفت جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو. ڊبليو ايڇ او سربراهه ڊاڪٽر ٽيڊروس پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مختلف موذي ۽ وبائي مرض پکڙجڻ بابت خبردار ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ اچڻ بعد وبائي بيمارين ۽ جاني نقصان جو خطرو ڪر کڻي سگهي ٿو. هن ٻوڏ متاثرن خاطر 10 ملين ڊالر امداد جي اپيل جاري ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 2 هزار کان وڌيڪ صحت مرڪز تباهه ٿي ويا آهن ۽ وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت به گهٽجي وئي آهي.