سنڌ

ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي ريلي

سنڌ پروگريسو ڪميٽيءَ پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ڪنوينر عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سيد لال شاهه ايڊووڪيٽ، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلهو، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين هاشم کوسو، پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ محبوب سيال ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ قدرتي نه پر سنڌ جي حڪمرانن جي هٿ سان آندل ٻوڏ آهي، هٿ سان ڪٽ لڳائي سنڌ کي ٻوڙي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي، ان تباهيءَ جي مک جوابدار سنڌ سرڪار آهي، جنهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي احتساب ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين درياهه جي ٻنهي پاسي هٿرادو ٻوڏ سان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر، بي گهر ٿيا آهن، جيڪي هن وقت روڊن، رستن، واهن، درياهي ڪنارن ۽ ڪيمپن ۾ بي يارومددگار آهن، انهن جي ڪابه واهر نه پئي ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button