ٽنڊو محمد خان جي سماجي عورت اڳواڻ رضيه سهتو، سفت اڳواڻ پپو بلوچ، جسقم اڳواڻ جاويد هاليپوٽو، ايس ٽي پي اڳواڻ محمد جمن ملاح، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڳوٺ حاجي خالق ڏنو سهتو ۾ سماجي عورت اڳواڻ رضيه سهتو ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ۽ دوائون ورهائڻ لاءِ وئي ته ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ پ پ وڏيري حاجي هاشم سهتو ۽ سندس ناٺي فيصل سهتو جي بڇ تي غفار سهتو، وقار سهتو، مور سهتو، بابو سهتو سميت ٻن عورتن سويرا ۽ شنو تي لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري گاڏي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. ايس ايس پي نوٽيس ورتو پر ايف آءِ آر نمبر 2022/75 شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي پوليس بااثر وڏيري ۽ سندس ناٺي جي چوڻ تي نالا شامل نه ڪيا، الٽو عورت اڳواڻ رضيه سهتو جيڪا غيرشادي شده آهي، هن کي ايف آءِ آر ۾ شادي شده ڄاڻائي پنهنجي پيءُ خدابخش جي زال ڄاڻايو ويو آهي، جيڪا پوليس وڏيري جي ونگار وهندي ناانصافي ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close