سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ سبب 3 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻي ويجهو ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا ڏنو ڀٽو ۾ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جتي فائرنگ، ڏنڊا ۽ ڪنداق لڳڻ سبب هڪ ڌر سان واسطو رکندڙ ٽي سڳا ڀائر 18 ورهين جو گلاب خان، 22 ورهين جو خالد ۽ 35 ورهين جو محمد عرس ولد همت ڀٽو سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن کين طبي امداد ڏني. ان موقعي تي زخمين جي وارثن ٻڌايو ته ڳوٺ سائين رکيو ڀٽو جي رهواسين سان شادي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعدِ اڄ بااثرن امداد ڀٽو، امير ڀٽو، آفاق ڀٽو، علي حيدر ڀٽو سميت 15 ماڻهن حملو ڪري اسان جي مائٽن گلاب خان ڀٽو کي گولي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، گولين جي آواز تي خالد ۽ محمد عرس ڀٽو واقعي واري هنڌ پهتا ته حملي ڪندڙن هنن کي به ڏنڊا هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع ماهوٽا پوليس ڏنو، پر پوليس هن وقت تائين ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته حملي ۾ملوث بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button