برطانيا تي 70 سالن تائين راڄ ڪندڙ راڻي ايلزبيٿ-2 جون آخري رسمون ادا ڪري کيس سرڪاري اعزاز سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو، جنازي ۾ شرڪت لاءِ دنيا جي 500 کان وڌيڪ ملڪن، حڪومتن ۽ اهم ادارن جا سربراهه لنڊن پهتا، وزيراعظم شهباز شريف به برطانيا جي نئين بادشاهه چارلس سان ملاقات ڪري والده جي وفات تي تعزيت ڪئي آهي. راڻي ايلزبيٿ-2 جي آخري رسمن ۽ تابوت جي آخري ديدار لا هزارين ماڻهو لنڊن جي روڊن تي قطار ٺاهي بيٺل رهيا، جڏهن ته ويسٽ منسٽر ايبي ۾ تدفين وقت چوڌاري رستا بند ڪيا ويا آهن. راڻي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ پهتل سربراهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آمريڪي صدر جو بائيڊن، چيني نائب صدر وانگ ڪيشن، ڪينيڊا جو وزيراعظم جسٽن ٽروڊو، جاپاني بادشاهه ناروهٽو ۽ ڏکڻ آفريڪي صدر سائرل رامافوسا سميت ڪيترائي اهم اڳواڻ شامل آهن. جڏهن ته ڪجهه اهم اڳواڻ جهڙوڪ چيني صدر شي جن پنگ، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، عيسائين جو روحاني پيشوا پوپ فرانسس ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان دعوتون ملڻ باوجود تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي. وينزويلا، شام ۽ افغانستان ڏانهن دعوت ناما نه موڪليا ويا. آمريڪي صدر جو بائيڊن برطانيا ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ راڻي ايلزبيٿ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ لنڊن پهتو، هن چيو ته برطانوي عوام خوش قسمت آهي ته راڻي ايلزبيٿ 70 سالن تائين راڄ ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم شهبازشريف لنڊن ۾ بادشاهه پاران معزز مهمانن لاءِ ڏنل آجياڻي دوران بادشاهه چارلس سان ملاقات ڪري سندس والده راڻي ايلزبٿ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مرحوم راڻي ايلزبٿ دولت مشترڪا ملڪن جي شهرين لاءِ تحريڪ ۽ طاقت جو سرچشمو هئي، پاڪستان جي عوام جون به راڻي جي ڪيل ٻن دورن سان خوبصورت يادون جڙيل آهن، شاهي خاندان ۽ پاڪستاني قوم وچ ۾ پيار ۽ محبت جو ناتو وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. وزيراعظم شهبازشريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران بادشاهه چارلس کي تخت سنڀالڻ تي نيڪ خواهش جو اظهار ڪندي اميد ڏيکاري ته هو دولت مشترڪا ملڪن وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري پنهنجي والده جي ميراث کي اڳتي وڌائيندو. هن شاهي خاندان طرفان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن سان همدردي ۽ مدد تي برطانوي بادشاهه جا ٿورا مڃيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close