اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ جي باني چيئرمين ذوالفقارعلي ڀٽو جي پٽ شهيد مير مرتصيٰ ڀٽو جي ڌيءَ فاطمه ڀٽو پنهنجي والد جي ورسي تي جذباتي ٿي وئي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فاطمه ڀٽو چيو ته 26 سال اڳ منهنجي والد ۽ سندس ساٿين کي اسان جي گهر ٻاهران قتل ڪيو ويو هو، جڏهن اسان گهر ۾ هئاسين. هن چيو ته منهنجي والد جي قتل جي رات جون يادون مضبوط ۽ منهنجو صبر لامحدود ٿي ويو آهي. واضح رهي ته مير مرتصيٰ ڀٽو 26 سال اڳ ڪراچي ۾ پنهنجي گهر 70 ڪلفٽن ويجهو پوليس فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويو هو. مير مرتصيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954 تي ڪراچي ۾ ڄائو هو.شروعاتي تعليم ڪراچي ۾ ئي حاصل ڪئي. پوءِ هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري ننڍي ڄمار ۾ ئي سياست جي ميدان ۾ لٿو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close